تهران-02 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته خطي ۾ معاشي اؤسر ۽ گڏيل استحڪام لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، اسان ڏُکيائين کي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. پاڪستان خطي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ ملڪ آهي ۽ خاص ڪري روڊ نيٽ ورڪ، زميني رابطن ۽ واپاري راهدارين جي جوڙجڪ جو خواهشمند آهي. اهڙو اظهار هن اقتصادي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اي سي او جو ٻن ڏينهن واري وزارت اجلاس ايران جي گاديءَ واري شهر تهران ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ پاڪستان سميت ترڪيه، تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ڪرغزستان جا وزير شرڪت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته قازقستان، آذربائيجان ۽ افغانستان کان علاوه ميزبان ملڪ ايران جا نمائندا به شامل آهن. وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته خطي ۾ معاشي اؤسر ۽ گڏيل استحڪام لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته اسان ڏُکيائين کي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. پاڪستان خطي ۾ انتهائي اهميت وارو ملڪ آهي ۽ خاص ڪري روڊ نيٽ ورڪ، زميني رابطن ۽ واپاري راهدارين کي جوڙڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اي سي او جي ميمبر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي پاڪستان جي ترجيح آهي. 2017ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل اي سي او اجلاس ۾ ويزن 2025ع جو تعين ڪيو ويو. هن پنهنجي خطاب ۾ نشاندهي ڪئي ته پاڪستان مان ريل اينڊ روڊ ڪوريڊور کي اي سي او نيٽ ورڪ سان ڳنڍيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ سي پيڪ جهڙن منصوبن تي ڪم جاري آهي ۽ يورو- ايشين ٽرانسپورٽ لنڪس ۽ ايشين هاءِ وي اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي اُتر بارڊر خنجراب کي گوادر ۽ ڪراچيءَ جي بندرگاهن سان ڳنڍيو ويو آهي جڏهن ته ايران ۽ افغانستان لاءِ به روڊ نيٽ ورڪ جوڙيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ مواصلات جي شعبي کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي جنهن جا مستقبل ۾ انتهائي هاڪاري اثر سامهون ايندا. هن چيو ته آگسٽ 24ع کان 126 ملڪن لاءِ پاڪستان ويزا فري ملڪ آهي، جڏهن ته هاڻ تائين ڪاروباري برادريءَ ۽ سياحن کي ان ڪيٽيگري ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا ويا آهن. هن تهران ۾ اي سي او تنظيم جي اجلاس کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ٽرانسپورٽ ڪوريڊور ۽ علائقائي رابطن ۾ اڳڀرو آهي جنهن جا سمورن ملڪن جي معاشي صورتحال تي هاڪاري اثر پوندا. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وفاقي وزير عبدالعليم خان گذريل ڏينهن اي سي او ۾ شرڪت لاءِ تهران پهتو ته سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير قازقستان، ازبڪستان، ايران ۽ ترڪيه جي وزيرن سان به ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد به شامل هوندو.