اسلام آباد-02 جون (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جو ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپيا جڏهن ته جي ڊي پي اؤسر واري شرح جو هدف 4.2 سيڪڙو، زرعي شعبي لاءِ 4.5 سيڪڙو، صنعتي شعبو. 4.3 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي لاءِ 4 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محدود وسيلن سبب صرف انتهائي اهم ۽ قومي مفاد رکندڙ منصوبا شامل ڪيا ويا آهن. سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جواجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، وفاقي سيڪريٽرين، اسٽيٽ بئنڪ، صوبائي حڪومت جي نمائندن، اهم قومي ۽ صوبائي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چيف اڪانومسٽ ڊاڪٽر امتياز اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي سالياني ترقياتي منصوبي، معاشي ترقيءَ جي روڊ ميپ ۽ قومي ترجيحن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجز سبب ترقياتي بجيٽ ۾ مسلسل گهٽتائي رهي، جيڪا قومي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ سنجيده رڪاوٽ آهي. اسان کي وڌندڙ آباديءَ کي نظر ۾ رکندي ترقياتي فنڊن کي وسعت ڏيڻي پوندي. هن ٻُڌايو ته ايندڙ مالي سال جو ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محدود وسيلن سبب صرف انتهائي اهم ۽ قومي مفاد رکندڙ منصوبا شامل ڪيا ويا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت پرڏيهي ادائگين، آمدنيءَ ۾ اضافي ۽ ترقياتي خرچن ۾ توازن لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته اُڏام پاڪستان پروگرام تحت قومي ترقياتي بجيٽ ۾ اضافي ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ورڪشاپس ۽ سڌارن واري قدم کنيا پيا وڃن، ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي ته جيئن ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگيءَ کي يقيني بنائي سگهجي. هن قومي ترجيحي منصوبن جي فهرست ۾ ديامير ڀاشا ڊيم، سکر- حيدرآباد موٽر وي، چمن روڊ، قراقرم هاءِ وي (فيز ٽو) ۽ اعليٰ تعليم جي منصوبن کي سرفهرست قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جو شمار دنيا جي گهٽ ترين ٽيڪس روينيو وارن ملڪن ۾ ٿيندو آهي ۽ ٽيڪس چوريءَ تي ضابطو آڻڻ ۽ ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ لاءِ هڪ قومي مهم جي سخت ضرورت آهي. هن واضح ڪيو ته 18ع ۾ اسان نَون منصوبن جي شروعات تي غور ڪري رهيا هئاسين، جڏهن ته اڄ اسان کي جاري منصوبن کي محدود ڪرڻ جهڙا مشڪل فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن. قومي ترقيءَ لاءِ هر فرد ۽ اداري کي پنهنجي ذميوداري نڀائڻي پوندي. هن ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته جيڪڏهن ڪو اهم منصوبو ترقياتي بجيٽ ۾ شامل نه ٿي سگهيو ته ان تي اڳواٽ معذرت ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته هڪ هزار ارب رپين جي بجيٽ ۾ سمورين وزارتن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ممڪن نه هو. احسن اقبال سمورين ڌُرين تي زور ڀريو ته هو قومي مفاد ۾ فيصلا ڪن، ته جيئن پاڪستان کي پائيدار ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي.