اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي اڳواڻن ۽ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي تازه ترين بيانن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت ڌمڪين، غلط بياني يا طاقت جي ذريعي پنهنجا مقصد حاصل نٿو ڪري سگهي، پاڪستان امن ۽ تعميري مصروفيتن جي لاءِ پرعزم آهي پر هو ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ يڪسان طور پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ ڀارتي اڳواڻن جي پاڪستان مخالف بيانن ۽ 29 مئي تي ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي ريمارڪس بابت ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڀارتي قيادت جا تازا ريمارڪس بشمول بهار ۾ ڏنل ريمارڪس هڪ گهري پريشان ڪندڙ ذهنيت جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪا امن تي دشمني کي ترجيح ڏي ٿي. هن چيو ته پاڪستان کي علائقائي عدم استحڪام جي سبب طور پيش ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش حقيقت کان هٽي ڪري آهي. ترجمان چيو ته عالمي برادري ڀارت جي جارحاڻي رويي جي رڪارڊ کان چڱي ريت واقف آهي جنهن ۾ پاڪستان جي اندر دهشتگردي جي ڪاررواين جي دستاويزي حمايت پڻ شامل آهي، انهن حقيقتن کي کوکلي بيانيي يا ڪڌين حرڪتن سان لڪائي نه ٿو سگهجي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار خطي ۾امن ۽ استحڪام کي خطرو بڻائيندڙ بنيادي مسئلو آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي وڪالت ۾ ثابت قدم رهندو، ان بنيادي مسئلي کي پٺتي وجهڻ خطي کي مسلسل عدم اعتماد ۽ ممڪن ٽڪراءُ ۾ وجهڻ جي برابر آهي. ترجمان چيو ته تازن هفتن جي اڳڀرائي هڪ ڀيرو ٻيهر جهالت ۽ ڏاڍ کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت ڌمڪين، غلط بياني يا طاقت جي ذريعي پنهنجا مقصد حاصل نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪندو. هن چيو ته پاڪستان امن ۽ تعميري مصروفيتن جي لاءِ پرعزم آهي پر هو ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ يڪسان طور تي پرعزم آهي. ترجمان چيو ته علائقائي هم آهنگي جي قيمت تي تنگ سياسي فائدي کي حاصل ڪرڻ بدران ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن پختگي، تحمل ۽ تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ جي لاءِ آمادگي جي ضرورت ضرورت محسُوس ڪري ٿو.