سيالڪوٽ -02 جون (اي پي پي) دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 52 سيالڪوٽ (9) جي ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار حنا ارشد جي ڪاميابي سندس سموري ٽيم جي ڪاميابي آهي جيڪا پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف ۽ پنجاب حڪومت جي قيادت ۾ گهر گهر وڃي ووٽ گهرندي رهي، جنهن تي اهي سڀ ماڻهو مبارڪن جا مستحق آهن. انهن خيالن جو اظهار هن (ن) ليگي اميدوار حنا ارشد جي رهائشگاهه تي وڃي اتي موجود (ن) ليگ جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مان سيالڪوٽ، نارو وال، گوجرانوالا، گجرات ۽ لاهور سميت سڄي پنجاب مان هتي اچي ان تڪ جي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ تي سمورن عوامي نمائندن ۽ عهديدارن جو ٿورو مڃان ٿو جن جي محنت رنگ لاتو ۽ اسان جي ڌيءَ حنا ارشد کي الله تعاليٰ ڪاميابي سان نوازيو آهي. هن چي ته اها ان سموري ٽيم جي ڪاميابي آهي جنهن گهر گهر وڃي ووٽ گهريو ۽ پوءِ عوام جهڙي ريت موٽ ڏني اها تحسين جوڳي آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت جنهن سٺي انداز ۾ ان ننڍي چونڊ جي مهم کي هلايو ۽ مختلف عوامي نمائندن ۽ عهديدارن محنت ڪئي آهي جيڪڏهن اهڙي ريت اسان چونڊ وڙهندا رهياسين ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي هارائي نه ٿي سگهي. هن جو چوڻ هو ته پي پي پي 52 سيالڪوٽ (9) جي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي جو ڪريڊٽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف کي وڃي ٿو جنهن پختي عزم سان ان تڪ جي چونڊ مهم کي هلايو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته اها الله تعاليٰ اسان تي وڏي ڪرم نوازي ۽ مهرباني ڪئي آهي ۽ مان حنا ارشد جي سياسي زندگي جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ اسان جي ان ڌيءَ کي وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرمائي.