لاهور-01 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنر هائوس لاهور ۾ مُلاقات ڪئي، مُلاقات ۾ مُلڪ جي سياسي، معاشي ۽ پرڏيهي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، گهرو وزير محسن نقوي، گورنر پنجاب سردار سليم حيدر خان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هئا. مُلاقات ۾ وزيراعظم صدر کي پنهنجي تازن غير مُلڪي دورن جي باري ۾ آگاهي ڏني، صدر چيو ته اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، هِن چيو ته اڄ پاڪستان جي ڪاميابين کي سڄي دُنيا تسيلم ڪري رهي آهي ۽ ڪوبه هاڻي پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻڻ جي همٿ نٿو ڪري سگهي، وزيراعظم چيو ته سندس دوست مُلڪن جو دورو تمام گهڻو ڪامياب رهيو، پاڪستان سدائين امن جو پيغام ڏنو آهي، هِن چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج جي ڪري ڪوبه اسان ڏي ميري اک سان ڏسي نٿو سگهي.