اسلام آباد-01 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير آءِ پي ايس او ايس(اپسوس) جي ٻي ٽماهي 2025ع جي صارف اعتماد سروي جي نتيجن جي آجيان ڪندي انهن نتيجن کي پاڪستان ۾ بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال ۽ عوامي رجحانن جو واضح ثبوت قرار ڏنو آهي. جاري ڪيل بيان موجب سروي موجب صارفين جي اعتماد ۾ واضح اڳڀرائي ٿي آهي ۽ هاڻي 42 سيڪڙو پاڪستاني اهو يقين ۽ اعتماد رکن ٿا ته ملڪ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، جيڪو گذريل 6 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي. سروي موجب معيشت کي مستحڪم تصور ڪندڙن جي شرح به آگسٽ 2019ع کانپوءِ بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. هي پهريون موقعو آهي ته صارف اعتماد جي نگراني جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين اميد پسندي مايوسي تي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، جيڪا عوامي سوچ ۾ اهم مثبت تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿي. ناڻي واري وزير سروي جي نتيجن کي همٿائيندڙ قرار ڏيندي چيو ته هي نتيجا گذريل 14 مهينن ۾ حڪومت جي جامع ۽ ذميواراڻي معاشي حڪمت عملي جي ڪاميابي جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم ڪرڻ، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي بحال ڪرڻ ۽ مالي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ جهڙن اهم قدمن سان عوام جو اعتماد ۽ معاشي بحالي لاءِ بنياد فراهم ڪيو آهي. ناڻي واري وزير اهو پڻ واضح ڪيو ته وڏي ڳاڻيٽي جي خريدارين ۽ ذميوارين جي حوالي سان صارفين جي اعتماد ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي واڌ ٿي آهي جيڪا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته هاڻي گهراڻا پنهنجي مالي حالت بابت پهرين کان وڌيڪ پراعتماد آهن، اهڙي طرح روزگار جي تحفظ جي حوالي سان به اعتماد جي شرح 2019ع کانپوءِ پنهنجي بلند ترين سطح تي آهي، جيڪا روزگار جي صورت ۾ بهتري ۽ ترقياتي پاليسين جي مثبت اثرن جي عڪاسي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اپسوس سروي ۾ نظر ايندڙ اعتماد صرف شهري علائقن تائين محدود ناهي پر ٻهراڙي وارن علائقن، نوجوانن ۽ عورتن ۾ به نمايان بهتري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي معاشي بهتري وسيع بنيادن تي ٿي رهي آهي. هن اعتماد کي حڪومت جي نجي شعبي جي ترقي، روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ، سماجي تحفظ جي قدمن ۽ مالي شموليت کي هٿي ڏيڻ بابت مستقل ڪوششن کي ثمر قرار ڏنو آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب ان عزم کي ورجايو ته حڪومت ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار رکڻ، سڌارن کي تيز ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ته معاشي ترقي جا ثمر سڀني شهرين تائين هڪجهڙا پهچن. هن چيو ته آءِ پي ايس او ايس سروي جا نتيجا پاڪستان جي درست معاشي رخ جو وقت سر ثبوت آهن ۽ ان ڳالهه جو واضح اشارو آهن ته ملڪ پائيدار بحالي ۽ مضبوطي جي راهه تي گامزن آهي.