اسلام آباد-01 جون (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو بئنڪ ڪرپٽسي قانون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت جو صنعتي پيڪيج حتمي مرحلي ۾ آهي، جنهن جو مقصد بند صنعتي يونٽس جي بحالي لاءِ بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ آهي. صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب هارون اختر چيو ته حڪومت بند صنعتي يونٽس کي هلائڻ ۽ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قدمن تحت صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت جو تيار ڪيل صنعتي پيڪيج حتمي مرحلي ۾ آهي. هن تصديق ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو بئنڪ ڪرپٽسي جو قانون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قانون جو مقصد بند صنعتي يونٽس لاءِ بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ آهي، هارون اختر چيو ته بئنڪ ڪرپٽسي هجڻ جي صورت ۾ صنعتي يونٽس جي نيلامي بدران بئنڪ کين قرض ڏيندي. هن چيو ته بئنڪ ڪرپٽ هجڻ تي سڀ ڪجهه نيلام ڪيو وڃي ٿو جنهن سان بئنڪ جو پئسو پڻ ٻڏي وڃي ٿو، هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي، اينٽي مني لانڊرنگ ۽ اينٽي ڪرپشن جي ڪردار کي محدود ڪيو ويندو، ڪنهن به ڪاروباري اداري خلاف جاچ کان اڳ ايس اي سي پي کان اجازت وٺڻي پوندي. هارون اختر چيو ته ايس اي سي پي قانون ۾ ترميم تي هوم ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ قانون ۾ نئين شقن جي واڌ ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح فنانشل مانيٽرنگ يونٽ جي جاچ بابت به قانون ۾ ترميمون غور هيٺ آهن. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن بئنڪ ڪليئرنس جي اجازت ڏي ٿو ته پوءِ جاچ ڇا ٿي؟ هن چيو ته ٽيرر فنانسنگ، مني لانڊرنگ جو شڪ هجي ته جاچ کانپوءِ ڪيس لاڳاپيل ايجنسي ڏانهن موڪليو وڃي. هن سوال ڪيو ته جيڪي ملڪ گري لسٽ ۾ ناهن اتان ايندڙ رقم جي ڇنڊڇاڻ ڇو ڪئي وڃي ٿي؟ هن چيو ته صنعتي يونٽس ۾ سيڙپڪاري تي واڌو ڏنڊ ۽ سرچارجز وغيره معاف ڪيا ويندا.