ڪوئيٽا-31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان نه رڳو ڀارت کي جنگ ۾ شڪست ڏني پر کيس سفارتي سطح تي به منهن جي کائڻي پئي، ڀارت کي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي هر گز اجازت نه ڏينداسين، آءِ ايم ايف سان ڪامياب معاهدي سان ملڪي معيشت کي استحڪام مليو، پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ سڌارا اڻٽر آهن، موجوده حڪومت ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي آهي، مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي سنگل ڊجٽ تائين اچي وئي آهي، جدت کي اختيار ڪندي ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جاري ڪري رهيا آهيون. وفاقي حڪومت جو ڌيان معيشت، سڌارن ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي آهي. چين، سعودي عرب، ترڪيه، قطر ۽ نار جا ملڪ بهترين دوست آهن جن ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، عظيم قومن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. اهڙو اظهار هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ آفيسرن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز بگٽي، وفاقي وزير احسن اقبال، عطا الله تارڙ، ڪور ڪمانڊر بلوچستان ليفٽيننٽ جنرل راحت نسيم احمد خان، ڊي جي آءِ ايس پي آر احمد شريف چوڌري ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج هميشه شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ۾ مختلف ملڪن کان آيل مهمانن کي ڀليڪار چئون ٿا، مهمانن جي آمد ۽ هتي موجودگي اسان جي بهترين لاڳاپن جي عڪاسي آهي. هن چيو ته اڄ عام محاذ بدران مختلف رخن ۾ صلاحيتن جو امتحان آهي. هن چيو ته پهلگام واقعي جي آڙ ۾ ڀارت طرفان کنيل قدمن جو ڀرپور جواب ڏنو ويو. ڀارت اڳرائي ڪندي معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ۽ جواب ۾ پاڪستان ايئر فورس تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏيندي 7 هاءِ ويليو ٽارگيٽ کي نشانو بڻايو، اسان جي هٿياربند فوج بهترين خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هن اداري فرضن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. پهلگام واقعي جي غير جانبدارڻي جاچ بدران ڀارت طرفان الزام تراشي شروع ڪئي وئي ۽ پاڪستان خلاف اڳرائي ڪئي وئي. ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پروپيگنڊا پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير طرفان ٻڌايو ويو هو ته اسان هر قسم جي جنگ لاءِ مڪمل طور تيار آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي پيشيوراڻين صلاحيتن سبب نه رڳو تاريخي ڪاميابي ملي پر پاڪستان ڀارت کي زمين ۽ فضا تي ڀرپور جواب ڏيندي ان جي ميزائل ڊفينس سسٽم کي نشانو بڻايو، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به پروفيشنلز جو هڪ عمده مثال قائم ڪيو. هن چيو ته حڪومت ۽ عوام پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ آهن ۽ الله تعاليٰ هميشه شاندار فتح سان نوازيو. خطي ۾ امن امان ۽ خوشحالي لاءِ سيز فائر ڪيو، پاڪستان نه رڳو ڀارت کي جنگ ۾ شڪست ڏني پر سفارتي سطح تي به ڀارت کي منهن جي کائڻي پئي، ڀارت طرفان آئنده به ڪا به اڳرائي ڪئي ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته هٿياربند فوج پاڪستان جي خودمختياري ۽ سالميت جي محافظ آهي پر تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ اسان جي فوج ۽ قوم جو مورال وڌيڪ مٿانهون ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي پر ڀارت کي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين، پاڻي اسان جي لاءِ ريڊ لائين آهي. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش خطرا صرف روايتي جنگ جي ميدان تائين محدود ناهي. هن ٻين چئلينجن جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن مان 16 مهينن جي مدي لاءِ وزارت عظميٰ جي ڪرسي سنڀالي هئي ته حالتون مشڪل هيون پر ناممڪن نه هيون. هن چيو ته اسان کي قوم جي حيثيت سان ان لمحي مان فائدو کڻندي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪامياب معاهدي سان ملڪي معيشت کي استحڪام مليو آهي. پاڪستان جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته معاشي استحڪام لاءِ بنيادي سطح تي سڌارا آندا وڃن ۽ عظيم قومن ۾ پنهنجو نالو شامل ڪرائڻ لاءِ سخت محنت شرط آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪئي آهي حڪومت هر محاذ تي ڪاميابيون ميڙيون آهن، مارچ 2024ع ۾ سڌارن جي شروعات ڪئي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ موجوده محصول 28 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن جيڪا وڏي ڪاميابي آهي، ڪراچي بندرگاهه تي فيس ليس اسسمنٽ سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي، معاشي بهتري سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ بهتري آئي آهي، پر مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي ۽ پاڪستاني روپيو مستحڪم ٿيو آهي، هن چيو ته پنهنجي محنت سان وطن جي سرزمين کي دنيا لاءِ مثالي بڻائينداسين ڇاڪاڻ ته محنت اهو ناياب موتي آهي جنهن سان ڪاميابي ملي ٿي، اسان مشڪل فيصلا ڪيا، معيشت جي بهتري لاءِ حڪومت اسمگلنگ تي ضابطو آڻي معاشي نظام کي مستحڪم بڻايو آهي. بجلي جي چوري جو خاتمو يقيني بڻايو ويو آهي. هن چيو ته درپيش چئلينجز کي وڏي همٿ سان منهن ڏينداسين پر جدت کي اختيار ڪندي ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جاري ڪري رهيا آهيون. وفاقي حڪومت جي معيشت، سڌارن ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي ڌيان آهي، سعودي عرب پاڪستان جو بهترين دوست آهي، نار ملڪن سان پاڪستان جا بهترين لاڳاپا آهن، چين سان دوستي هر آزمائش تي پوري لهي ٿي، ترڪيه، قطر ۽ ٻين دوست ملڪن مشڪل وقت ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو آهي.