ڪوئيٽا -31 مئي (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي، ته پاڪستان کي ڪڏهن به دٻاءَ ۾ نٿو آڻي سگهجي، ڏکڻ ايشيا جي اسٽريٽجڪ استحڪام لاءِ ڪشمير مسئلي جو پرامن حل اڻٽر آهي. آءِ ايس پي آر مُوجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ ڪاليج جي شاگردن، آفيسرن ۽ فيڪلٽي کي خطاب ڪيو. آرمي چيف آپريشن بنيان مرصوص جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام قومي قيادت ۾ مادر وطن جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي ويو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته معرڪه حق جي ڪاميابي اسان جي قومي عزم ۽ قومي طاقت جي سمورن عنصرن وچ ۾ مڪمل هم آهنگي جو چٽو ثبوت آهي. هن پاڪستان خلاف بنا جواز فوجي جارحيت جي استعمال لاءِ ڀارت جي وڌندڙ رجحان کي خطرناڪ قرار ڏنو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪنهن به جارحيت ۽ سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان کي ڪڏهن به دٻاءَ ۾ نٿو آڻي سگهجي ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ جي عزمن کي ناڪام بڻايو ويندو. هن ڏکڻ ايشيا جي اسٽريٽجڪ استحڪام لاءِ عالمي سطح تي تسليم ٿيل پراڻي ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان اندر ڀارتي سرپرستي ۾ جاري دهشتگردي خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ دهشتگردي جي سمورن شڪلن خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي ويندي.