مسئلن جو واحد حل ڳالهيون آهن: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ باني کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ٻين سياسي پارٽين کي دشمن طور ڏسڻ بدران مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ئي واحد عمل جوڳو آپشن آهي. پنهنجي انٽرويو ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ باني جي مخالف ڌر جي پارٽين کي دشمن طور ڏسڻ ۽ ماضي جي حربن سان …

اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ باني کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ٻين سياسي پارٽين کي دشمن طور ڏسڻ بدران مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ئي واحد عمل جوڳو آپشن آهي. پنهنجي انٽرويو ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ باني جي مخالف ڌر جي پارٽين کي دشمن طور ڏسڻ ۽ ماضي جي حربن سان مسئلن جي حل جي اميد رکڻ جي ذهنيت ڳالهين کانسواءِ ڪم نه ايندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي اسٽيبلشمينٽ ذريعي يا ڳالهين کان انڪار سان رليف نه ملندو، ان بدران کيس وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ جو باني پنهنجي موجوده ذهنيت سبب ڪاميابي کان تمام گهڻو پري آهي، هن پي ٽي آءِ باني تي زور ڀريو ته هو لچڪ وارو رويو اختيار ڪري، جمهوري اصولن جو احترام ڪري ۽ ڳالهين ۾ شامل ٿئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سمجهي ٿو ته حڪومت وٽ اختيار ناهن پر هاڻي کيس احساس ٿيڻ گهرجي ته اختيار حڪومت وٽ آهن، هن پي ٽي آءِ کي مشورو ڏنو ته هو سمجهداري جو مظاهرو ڪري سياسي حقيقتن کي سمجهڻ تي ڌيان ڏي ۽ ڏڦيڙ کان پاسو ڪري.

مزید خبریں