اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان سندس وزارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڊائريڪٽر جنرل ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزارت ۽ ايس آءِ ايف سي وچ ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن زرعي شعبي کي درپيش چئلينجن کي موثر طور منهن ڏئي سگهجي ۽ قومي معيشت جي ترقي ۾ ان شعبي جي ڪردار کي مضبوط بڻائي سگهجي. ان موقعي تي آبادگارن کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ شعبي جي مجموعي پيداواري صلاحيت ۾ بهتري بابت ڪيترن ئي اهم قدمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. آبادگارن جي وڌندڙ زرعي خرچن ۽ موسمياتي اثرن سبب پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع رليف پئڪيج غُور هيٺ آهي، ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هڪ شفاف قيمتن جو نظام جوڙيو ويندو ته جيئن آبادگارن کي سندن پيداوار جو مناسب معاوضو ملي سگهي ۽ کين معاشي استحڪام فراهم ڪري سگهجي. ڪپهه تي جنرل سيلز ٽيڪس جي مسئلي تي به غور ڪيو ويو، ٽيڪس ۾ گهٽتائي يا خاتمي جون تجويزون به غور هيٺ آيون ته جيئن ڪپهه جي آبادگارن کي سهولتون ڏئي سگهجن ۽ پيداوار ۾ واڌ ڪري سگهجي. وزارت ۽ ايس آءِ ايف سي ٻنهي چوپايل مال پالڻ جي شعبي کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو جنهن لاءِ بهتر سهولتون نسلن جي واڌ ويجهه ۽ ويليو چين جي ترقي جهڙن هدفن لاءِ قدم کنيا ويندا. ان کانسواءِ ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ آبادگارن جي نقصانن جي ازالي ۽ مالي مدد لاءِ هڪ خصوصي هاري پيڪيج شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير بين الادارتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ ايس آءِ ايف سي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پاليسي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ ۾ وزارت جي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي . ميجر جنرل اسد الرحمان چيمه زرعي شعبي ۾ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري کي سهولتون ڏيڻ ۽ قدم وقت سر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي جي عزم کي ورجايو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتي جتي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ان پاليسي قدمن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ٻئي ادارا ويجهو رابطو برقرار رکندا ته جيئن پاڪستان جي آبادگارن کي حقيقي فائدو پهچي سگهي.