اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاڪ عرب ريفائنري لميٽيڊ (پارڪو) جي ڪارپوريٽ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري بيان موجب پيٽروليم ڊويزن جو ايڊيشنل سيڪريٽري ظفر عباس ۽ ڊپٽي سيڪريٽري وقاص برلاس به وفاقي وزير سان گڏ هئا. پاڪ عرب ريفائنري لميٽيڊ (پارڪو) جي ڪارپوريٽ هيدڪوارٽرز پهچڻ تي پارڪو جي ايم ڊي ارتضيٰ علي قريشي ۽ ڪمپني جي سينئر مينيجمينٽ سندن استقبال ڪيو. دوري دوران علي پرويز ملڪ کي پارڪو جي ماڊيولر گروٿ اسٽريٽجي، آپريشنل ايڪسيلنس جي 50 سالن جي روايت ۽ مستقبل جي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ جدت، ڪارڪردگي ۽ پائيداري ذريعي پاڪستان جي انرجي انفرا اسٽرڪچر کي مضبوط بڻائڻ ۾ پارڪو جي اهم ڪردار تي روشني وڌي وئي. علي پرويز ملڪ پاڪستان جي انرجي لينڊ اسڪيپ ۾ پارڪو جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ريفائنري جي اپ گريڊيشن کي حڪومتي ترجيح قرار ڏنو. هن چيو ته ان سان نه رڳو انرجي سپلائي چين جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي پر صاف توانائي ڏانهن منتقلي به آسان ٿيندي. هن زور ڀريندي چيو ته پاڪستان ماحولياتي تحفظ ۽ صاف توانائي جي معيارن کي برقرار رکڻ کي اهميت ڏي ٿو ۽ ان جو هي دورو حڪومتي حمايت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو ملڪ جي وڌندڙ انرجي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ادارن جهڙوڪ پارڪو کي سپورٽ ڪري ٿي، حڪومت انرجي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ محفوظ، پائيدار ۽ پاڻڀري انرجي مستقبل جي قومي ويزن سان پنهنجي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.