اسلام آباد _30 مئي (اي پي پي ) ٻارن لاءِ گڏيل قومن جي فنڊ (يونيسيف ) پاڪستان ۾ ننڍي عمري جي شادين جي رجحان بابت جاڳرتا لاءِ ٻارن جي حقن بابت يونيسيف جي قومي سفير اداڪاره صبا قمر جي سهڪار سان هڪ وڊيو مهم شروع ڪئي آهي. اداڪاره صبا قمر پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي ان حوالي سان وڊيو جاري ڪندي لکيو ته سڄي پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ لاءِ يونيسيف جي عزم کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اداڪاره صبا قمر پنهنجي وڊيو ۾ تعليم ۽ صحت جي حوالي سان ڇوڪرين جي مسقبل تي ننڍي عمر جي شادين جي اثرن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ قدمن تي زور ڀريو. هن چيو ته هر ڇوڪري کي سکڻ ، اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو حق حاصل آهي. هن وڌيڪ لکيو ته هوءَ ان مهم جو حصو بڻجڻ تي فخر محسوس ڪري رهي آهي.