پيرس – 30 مئي (اي پي پي) فرانس چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل غزه ۾ انساني صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ مناسب عمل نه ڪري ته يورپي ملڪن کي انهن خلاف پنهنجو اجتماعي موقف سخت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون پنهنجي بيان ۾ چئي. هن چيو ته ان حوالي سان ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۽ ڏينهن ۾ ڪارروائي جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته شرطن سان گڏ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ نه رڳو اخلاقي فرض پر سياسي ضرورت به آهي.