تهران-30 مئي (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان چيو آهي ته ڪو به ايران کي يورينيم جي رچاءَ کان روڪي نه ٿو سگهي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته ايران اهڙن سمورن پرڏيهي دٻائن کي رد ڪري ٿو ۽ پنهنجي حق تي قائم آهي. هن چيو ته عالمي قانون هر ملڪ کي پر امن مقصد لاءِ ايٽمي توانائي بابت سائنسي سرگرمين جي اجازت ڏئي ٿو، هن باور ڪرايو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جو خواهشمند نه آهي نه ماضي ۾ اهڙي خواهش رکي آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ان قسم جو ارادو رکي ٿو ڇاڪاڻ تي اهو ايران جي عقيدي خلاف آهي جڏهن ته هو طبي، زرعي، صنعتي ۽ سائنسي مقصدن لاءِ رچاءَ تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندو. هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران سفارتي حل لاءِ سنجيده آهي جڏهن ته ڪنهن به معاهدي ۾ سمورين پابندين جي خاتمي ۽ يورينيم جي رچاءَ جي اجازت جو شرط هجڻ گهرجي، هن آمريڪا سان ڪنهن به معاهدي جي ويجهو هجڻ وارين خبرن جي حوالي سان چيو ته ان بابت يقين سان ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. ٻئي پاسي ايراني سپريم ليڊر جي صلاحڪار علي شمخاني چيو آهي ته آمريڪي صدر ايران جي ايٽمي ڍانچي کي تباه ڪرڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي جڏهن ته ايران جي ريڊ لائن واضع آهي ۽ ان جو دفاع مضبوط آهي. واضع رهي ته 12 اپريل کان عمان جي ٽياڪڙي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهيون جاري آهن جنهن ۾ يورينيم جو رچاءُ اهم تڪرار آهي.