تهران – 30 مئي (اي پي پي) ايران چيو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن جي پاليسي ۾ سعودي عرب کي اهم حيثيت حاصل آهي. پرڏيهي ميديا موجب ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران انهن ٻطرفن لاڳاپن کي جاري رکڻ ۽ حج سيزن تي انهن جي اثرات کان بچڻ کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته نئين تبديلين جي ڪري سعودي عرب سان لاڳاپن جو مسئلو سنجيده اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. مان رهبر اعليٰ جي نمائندگي ڪندي، پنهنجن دوستن ۽ حج ۽ زيارت جي تنظيم سان رابطي ۾ آهيان ته جيئن ايران جي حاجين کي موڪلڻ جي عمل ۾ يا حج سان لاڳاپيل انتظامن ۾ ڪا به رڪاوٽ نه اچي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سعودي عرب سان لاڳاپن تي تمام سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن جي پاليسي جيڪا اسان ڪجهه وقت اڳ شروع ڪئي آهي اها هڪ تمام اهم پاليسي آهي ۽ ان پاليسي ۾ سعودي عرب کي خاص اهميت حاصل آهي. هن چيو ته اسان پنهنجا ڀائراڻا لاڳاپا جاري رکنداسين ۽ انهن ۾ ڪا به رڪاوٽ نه اچڻ ڏينداسين.