نيو يارڪ – 30 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ملڪ جي وڏين يونيورسٽين خلاف جاري ڪريڪ ڊائون ڪجهه پرڏيهي شاگردن کي آمريڪي ڪيمپس ۾ داخلا لاءِ پنهنجون درخواستون ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ان سان گڏو گڏ انهن تعليمي ادارن ۾ اڳ ۾ ئي پڙهندڙ شاگردن ۾ پريشاني ۽ ڇڪتاڻ پڻ پکڙجي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ جي انهن قدمن سان اٽڪل 10 لک پرڏيهي شاگردن جي نظر ۾ آمريڪي ساک کي نقصان پهچايو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ تازو ئي هارورڊ ۾ عالمي اسڪالرن جي ميزباني کي قانوني طور تي چئلينج ڪيو آهي ان کان علاوه هن پرڏيهي ڪيمپس جي شاگردن کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ تازو ئي شاگرد ويزا پروسيسنگ کي معطل ڪرڻ جهڙا قدم پڻ کنيا آهن.