غزه -30 مئي (اي پي پي) غزه ۾ تازي اسرائيلي بمباري سبب 11 فلسطيني ٻارڙا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب تازن حملن ۾ جباليه النزله سميت ڏکڻ پاسي وارن شهرن خان يونس ۽ رفح کي نشانو بڻايو ويو. ميڊيا رپورٽن سرائيلي موجب اتر غزه ۾ واقع جباليه تي شديد هوائي حملا ڪيا ويا جيڪي اتان نڪرڻ جي حڪم کان پوءِ فوري طور تي ڪيا ويا. علائقا خالي ڪرڻ جو حڪم جباليه . العطاطره ، الزيتون ، الشجاعيه ۽ الدرج وارن علائقن ۾ پڻ ڏنو ويو آهي. جباليه النزله ۾ هڪ گهر تي اسرائيلي بمباري سبب 7 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا جڏهن ته اسرائيلي فوج پاران خان يونس جي اولهه ۾ پڻ ٻن خيمن تي بمباري ڪئي وئي جن ۾ بي گهر ڪٽنب ترسيل هئا ، بمباري سبب ٽي فلسطيني شهيد ٿيا جن جا لاش ناصر ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيا ويا آهن . جڏهن ته اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب رفح جي اتر اولهه ۾ هڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.