هانگ ڪانگ – 30 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کان والاريل فلسطيني علائقن تائين پراڻي تڪرارن ۽ غيرملڪي قبضي جي صورتحال علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو حل طلب تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ تڪرارن جو بنيادي ذريعو بڻيل آهي، پاڪستان ۽ چين سدائين اهو يقين رکندڙ رهيا آهن ته عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گهڻ رخي اهم حيثيت رکي ٿي. پرڏيهي آفيس موجب چين جي خصوصي انتظامي علائقي هانگ ڪانگ ۾ ثالثي بابت عالمي تنظيم (آءِ او ايم اي ڊي) جي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان کي آءِ او ايم اي ڊي جي باني ميمبرن ۾ شامل هجڻ تي فخر آهي. نائب وزيراعظم عوامي جمهوريه چين کي تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان قدم کي اڳتي وڌائڻ ۽ هڪ گڏيل تصور کي عملي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ چيني قيادت جو اهم ڪردار چيني دانشمندي جو امتحان آهي، اڄ جي صحيحن واري تقريب عالمي ثالثي ۽ سفارتڪاري جي دائري ۾ هڪ نئين دور جي شروعات جي علامت آهي. هن چيو ته عوامي جمهوريه چين جي خصوصي انتظامي علائقي هانگ ڪانگ ۾ آءِ او ايم اي ڊي قائم ٿيڻ بابت ڪنوينشن تي تاريخي صحيحن واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي منهنجي لاءِ فخر جوڳي آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته هي تقريب گهڻ رخي ۽ ثالثي جي اصولن جي حمايت جي لاءِ هڪ اهم عالمي اداري جي پيدائش جي پڻ علامت آهي، هي قدم مون کي چين پاران ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ (اي آءِ آءِ بي) قائم ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته آءِ او ايم اي ڊي جو قيام ثالثي جي دنيا ۾ ايترو ئي غيرمعمولي قدم آهي جيترو اي آءِ آءِ بي فنانس جي دنيا ۾ هو، هانگ ڪانگ کي نئين قائم ٿيل تنظيم جي صدر آفيس جي طور تي چونڊڻ پڻ ساراهه جوڳو آهي، هانگ ڪانگ هڪ ”سپر ڪنيڪٽر“ ۽ ”سپر ويليو ايڊر“ جي طور تي اوڀر کي اولهه سان ڳنڍيندڙ متحرڪ آهي، هانگ ڪانگ ان تبديلي جي سفر جي لاءِ چڱي طرح تيار آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان واپاري ۽ سيڙپڪاري تڪرارن جي حل ۽ عدالتي ڪارڪردگي جي فروغ جي لاءِ عالمي ثالثي مرڪز (آءِ ايم اي سي) قائم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان آءِ او ايم اي ڊي جي سيڪريٽريٽ ۽ آءِ ايم اي سي آف پاڪستان سان تعاون جا منتظر آهيون، اسان جو يقين آهي ته گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي سختي سان پاسداري، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سچي نيت سان لاڳو سان عالمي قانون موجب امن، سلامتي ۽ عالمي خوشحالي کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته ثالثي، سفارتڪاري، مڪالمو ۽ عالمي تعاون ان جامع موقف جا اهم ٿنڀ آهن، اڄ هتي اسان جي موجودگي انهن نظرين سان اسان جي وابستگي جو ورجاءُ آهي. هن چيو ته اڄ جڏهن آئون هتي توهان کي مخاطب آهيان ته نئين نسل کي جنگ جي تباهين کان بچائڻ جو خواب اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پري ڏسڻ اچي ٿو، هن وقت پاپولزم ۽ الٽرا نيشنلزم جون هڪ طرفي قوتون پوري طرح سان متحرڪ آهن، مڪالمي ۽ ثالثي بدران تڪرارن ۽ تفرقه انگيز بيان بازي شه سرخين تي حاوي آهن، ڪجهه ماڻهو گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان گڏوگڏ عالمي قانون جي بنيادي اصولن جي پڻ واضح خلاف ورزي ڪري رهيا آهن، اهي ماڻهو پنهنجي چونڊ فائدن ۽ ڏاڍ پسند علائقائي ارادن جي قربان گاهه تي عالمي امن کي قران ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. نائب وزيراعظم چيو ته تازو ئي اسان سفارتڪاري، عالمي قانون ۽ ثالثي کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري سنگين بحران ڏٺا آهن، اسان جي اوڀرندي پاڙيسري ملڪ جي تازي اشتعال ۽ بنا جواز فوجي جارحيت عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي جيڪو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو آهي، 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي جهڙن عالمي معاهدن کي ملتوي ڪري عالمي انساني حقن جي قانونن ۽ انساني اصولن جي خلاف ورزي ڪندي نوان ۽ خطرناڪ مثال قائم ڪيا پيا وڃن، جارحيت جون اهي غيرمنصفاڻيون ڪارروايون عالمي برادري پاران تحمل جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻڻ جي مطالبي کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪندي ڪيون ويون. محمد اسحاق ڊار چيو ته جيئن ته هن تنظيم جي قائم ٿيڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته عالمي برادري ڪڏهن به گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزين ۽ طاقت جي استعمال کي معمول جو رويو نه سمجهندي، ڄمون ۽ ڪشمير جو حل طلب تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ تڪرارن جو بنيادي ذريعو بڻيل آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ان پراڻي تڪرار جي فوري حل جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي انهن نئين ۽ اڀرندڙ چئلينجن کي تسليم ڪرڻو پوندو جيڪي جاگرافيائي، عالمي ۽ فني فريم ورڪ کان مٿانهون آهن، اسان کي انهن نئين ۽ اڀرندڙ چئلينجز جو ادراڪ هجڻ گهرجي جيڪي جاگرافيائي، عالمي ۽ ٽيڪنيڪي حدن کان اڳتي وڌن ٿا، انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نئين جذبي ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ان ڏس ۾ صدر شي جن پنگ پاران پيش ڪيل گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو گڏيل قومن تي ٻڌل امن ۽ سلامتي جي نظام کي سگهه ڏيڻ ۾ منفرد قدر رکي ٿو، جي ايس آءِ جو گڏيل مفاد، ناقابل ورڇ سلامتي، خودمختياري جو احترام ۽ ڇڪتاڻ بدران مڪالمي تي زور ثالثي جي عالمي تنظيم جي قائم ٿيڻجي مقصدن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته هڪ اسٽريٽجڪ حصيدار ۽ چين جو هر موسم جو دوست هجڻ جي ناطي پاڪستان چين جي گهڻ رخي ڪوششن جي اڻٿڪ حمايت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، چين اوڀر ۽ اولهه ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ کي ڳنڍي هڪ گڏيل مستقبل جي عالمي معاشري جي جوڙجڪ طرف گامزن آهي، پاڪستان ۽ چين سدائين اهو يقين رکندڙ رهيا آهن ته عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گهڻ رخي اهم حيثيت رکي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته اڄ آءِ او ايم اي ڊي جو قيام ان خواب جي تعبير آهي جيڪو هڪ وڌيڪ جامع، وڌيڪ منصفاڻي ۽ برابر دنيا جي جوڙجڪ جي لاءِ نئين اميد ۽ موقعا فراهم ڪري ٿو، پاڪستان ان عظيم مشن ۾سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهندو. محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان آءِ او ايم اي ڊي ۾ نه رڳو پنهنجو سفارتي تجربو آڻينداسين پر مڪالمي، انصاف ۽ عدل ۽ برابري جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ وابستگي پڻ گڏ آڻينداسين. هن چيو ته هن تنظيم کي بااختيار بڻائينداسين ته جيئن اها امن، انصاف ۽ برابري جي فروغ ۾ پنهنجي مڪمل صلاحيت سان ڪم ڪري سگهي.