دوشنبي – 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي کان وطن واپس روانو ٿي ويو. دوشنبي ايئرپورٽ تي تاجڪ نائب وزيراعظم حڪيم خليق زاده وزيراعظم کي الوداع ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. ٻن ڏينهن جي تاجڪستان جي دوري ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪ صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم تاجڪ صدر سان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي دوران تاجڪستان پاران پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان دوري ۾ گليشيئرز جي تحفظ تي دوشنبي ۾ منعقد عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ماحولياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن ۽ ان کان تحفظ ۽ گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جي حوالي سان آگاهه ڪيو.