دوشنبي – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ جاگرافيائي تي ٻڌل ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق ڪندي جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي هڪ نئين سطح تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هن سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ ڏيڻ، تعيلمي رابطا وڌائڻ، ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ، معلوماتي ٽيڪنالاجي جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي نئين امڪانن جي ڳولا تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تاجڪستان جي حڪومت جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف دوشنبي پهتو ته جيئن 29 کان 31 مئي 2025ع تائين منعقد ٿيندڙ گليشيئرز جي تحفظ بابت عالمي اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري سگهي. وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ سينيئر عملدار شامل هئا. دوشنبي پهچڻ تي تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم جمهوريه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. قصر ملت پهچڻ تي صدر وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ وفد جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي مختلف رخن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ تفصيلي ۽ جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران صدر ۽ وزيراعظم جولاءِ 2024ع ۾ وزيراعظم جي دوشنبي جي دوري دوران طئي ٿيندڙ تاريخي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي کي ياد ڪيو، جنهن ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مفادن کي فروغ ڏيڻ جو هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تاريخ، ثقافتي ۽ جاگرافيائي تي ٻڌل ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق ڪندي جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي هڪ نئين سطح تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن ۽ عوام کي فائدو ٿئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو جيڪو سياسي، واپاري ۽ اقتصادي، توانائي، دفاع، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن تي ٻڌل آهي. هن سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ ڏيڻ، تعليمي رابطا وڌائڻ، ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ، معلوماتي ٽيڪنالاجي ۾ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نئين امڪانن جي ڳولا تي اتفاق ڪيو. ڪاسا – 1000 منصوبي جي حوالي سان ٻنهي اڳواڻن ان کي علائقائي انضمام جي لاءِ هڪ اهم منصوبي جي طور تي اجاگر ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. 15 مئي 2025ع تي دوشنبي ۾ منعقد ڪاسا – 1000 بين الحڪومتي ڪائونسل جي اجلاس جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان منصوبي کي جلد کان جلد فعال بڻائڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو يقين ڏياريو. اقتصادي تعاون جي حوالي سان، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار ۾ موجود غيراستعمال ٿيل موقعن جو اعتراف ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپار، اقتصادي ۽ سائنسي ۽ فني تعاون بابت پاڪستان – تاجڪستان گڏيل ڪميشن جو ستون اجلاس جيڪو ڊسمبر 2024ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو، ۾ ٿيندڙ فيصلن موجب تعاون جا نوان رستا ڳوليا وڃن. ٻنهي ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته موجوده اداراجاتي ڍانچن، بشمول 12 گڏيل ورڪنگ گروپس کي موثر طريقي سان استعمال ڪري خاص طور تي تيل ۽ گئس ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏنو وڃي. ٻنهي اڳواڻن دفاع ۽ سلامتي جي شعبي ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون جي آجيان ڪئي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گڏيل سلامتي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. هنن دهشتگردي، سرحد پار منظم ڏوهن ۽ انساني ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. تاجڪ – ڪرغز سرحدي تڪرار جي پرامن حل تي وزيراعظم صدر کي ان سنگ ميل تي مبارڪباد ڏني ۽ مسئلي کي پرامن ذريعن سان حل ڪرڻ ۾ صدر جي دانشمندي ۽ بصيرت کي ساراهيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته اها تاريخي اڳڀرائي خطي ۾ تعاون ۽ ترقي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن، او آءِ سي، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جهڙن گهڻ رخي فورمز تي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم تاجڪستان سان پاڪستان جي تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن جي توثيق ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان تاجڪستان سان جاري باقاعده ۽ گهڻ رخي رابطن کي گڏيل مفاد جي لاءِ انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن وچ ايشيائي خطي سان رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان مقصد جي لاءِ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي علائقائي رابطي جو اهم منصوبو قرار ڏنو. وزيراعظم صدر امام علي رحمان کي ڏکڻ ايشيائي خطي جي تازه ترين صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو. هن زور ڏنو ته اسان جو خطو ڀارت جي غيرذميواراڻي ۽ غيرقانوني قدمن، جيڪي 7 مئي 2025ع کان جاري آهن، کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته اهي قدم جنگ جي برابر ۽ گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي آهن. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت کي جوابده قرار ڏي. هن ورجايو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، پر جيڪڏهن چئلينج ڪيو ويو ته هو پنهنجي خودمختياري جو ڀرپور دفاع ڪندو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل کي خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ اهم قرار ڏنو. ان تي صدر امام علي رحمان چيو ته هو پاڪستان جي مخلص دوست جي حيثيت سان مئي جي شروع ۾ پيش ايندڙ واقعن تي شديد فڪرمند آهي ۽ هن علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم جي شاندار قيادت کي ساراهيو جيڪا خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر امام علي رحمان هر شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان کي هڪ اعتماد جوڳو حصيدار قرار ڏنو. هن اعليٰ سطحي باقاعده رابطي جو ذڪر ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، پن بجلي پيداوار ۽ سياحت جي شعبن ۾ ويجهي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڻي سفارتڪاري ۾ تاجڪستان جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو ۽ 29 کان 31 مئي 2025ع تي دوشنبي ۾ ٿيندڙ ”گليشيئرز جي تحفظ بابت عالمي اعليٰ سطحي ڪانفرنس“ جي ڪامياب انعقاد تي تاجڪستان جي صدر کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم صدر علي امام رحمان کي اسلام آباد جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني ته جيئن اسٽريٽجڪ مڪالمو جاري رکي سگهجي ۽ گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. تاجڪستان جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعزاز ۾ هڪ خصوصي آجياڻي واري تقريب جو پڻ اهتمام ڪيو.