اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ 2 مختلف ڪاررواين دوران فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشن دوران ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن ملڪ مان فتنه الهندستان جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الهندستان جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.