اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته گڏيل قومن جي فوج جا امن دستا عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ وڏي جذبي ۽ حوصلي سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، پاڪستان گڏيل قومن جي امن دستن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي امن دستن جي …
گڏيل قومن جي فوج جا امن دستا دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ وڏي جذبي ۽ حوصلي سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته گڏيل قومن جي فوج جا امن دستا عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ وڏي جذبي ۽ حوصلي سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، پاڪستان گڏيل قومن جي امن دستن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي امن دستن جي جذبي، حوصلي ۽ خدمتن کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري سان شامل آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي امن دستن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن گڏيل قومن جي امن فوج ۾ شامل وڏي انگ ۾ اهلڪارن پاران پنهنجي ڊيوٽي دوران ڏنل جانين جي قرباني کي راج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ پڻ هڪ اهم ياد ڏياري ٿو جن ۾ پاڪستان جا 181 بهادر امن فوجي پڻ شامل آهن. نائب وزيراعظم چيو ته سالن دوران پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز جي لاءِ فوجي تعاون ڪندڙ هڪ اهم ملڪ رهيو آهي، امن فوج ۾ 2 لک 35 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني مرد ۽ عورت اهلڪار دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ امتياز سان خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قديم ترين امن مشن مان هڪ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ ان انڊيا اينڊ پاڪستان (يو اين ايم او جي آءِ پي) جو ميزبان پڻ آهي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته خطي ۾ تازي اڳڀرائي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل سان گڏوگڏ (يو ايين ايم او جي آءِ پي) جي موجودگي ۽ ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت کي سگهه ڏي ٿي. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا کي گهڻ رخا خطرا درپيش آهن، گڏيل قومن جي امن فوج عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد ۽ موثر آهي. هن چيو ته عالمي برادري پاران ان ڏينهن جي ياد جي موقعي تي گڏيل قومن جي امن فوج کي موجوده ۽ مستقبل جي چئلينجز بشمول فني جدت ۽ علائقائي حصيداري کي مضبوط ڪرڻ، سان منهن ڏيڻ جي لاءِ سياسي عزم جي تجديد جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا 15 کان 16 اپريل تي اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي تياري جي ٽئين اجلاس جي ”محفوظ ۽ وڌيڪ موثر امن قائم ڪرڻ طرف: ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ ٺوس موقف“ جي موضوع تحت گڏيل ميزباني ڪئي. اجلاس جا نتيجا ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي قدمن جي رفتار تيز ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال دنيا جي لاءِ گڏيل قومن جي امن مشن جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم کي برقرار رکي ٿو ۽ رکندو.











