اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تڪبير ڏهاڙي جي تاريخي ڏينهن تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان لاچين ۾ پنهنجي موجودگي کي پنهنجي لاءِ اعزاز جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جو ڀائر ملڪ آذربائيجان پنهنجي آزادي جو ڏهاڙو جڏهن ته پاڪستان تڪبير ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي. وزيراعظم سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيعام ۾ ترڪيه ۽ آذربائيجان جي صدرن سان گڏ پنهنجي تصوير شيئر ڪندي چيو ته ٽنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ملاقات هڪ ٻئي سان انهن جي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ سدائين گڏ بيهڻ ۽ علائقائي امن، خوشحالي ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان ٽي قومون آهيون پر اسان جي دل هڪ آهي.