بيجنگ – 29 مئي (اي پي پي) چين نئون سيٽلائيٽ پنانيا سيارچه شچيان 26-خلا ۾ ڪاميابي سان موڪلي ڇڏيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق لانگ مارچ 4-بي ڪيريئر راڪيٽ ذريعي پنھنجو ھڪ نئون سيٽلائيٽ شچيان-26 ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ڪيو ويو. اھو سيٽلائيٽ بينادي طور قومي زميني سروي، ماحولياتي انتظام ۽ ٻين شعبن لاءِ استعمال ڪيو ويندو جيڪو قومي اقتصادي ترقي ۾ مدد لاءِ معلوماتي خدمتون فراھم ڪري ٿو. اھو لانگ مارچ سيريز جي ڪيريئر راڪيٽ جو 579 ھون فلائيٽ مشن ھو.