نيويارڪ – 29 مئي (اي پي پي) آمريڪا چين ڏانهن ايوي ايشن، سيمي ڪنڊڪٽر ٽيڪنالاجي جو روانگي واپار معطل ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا چين ڏانهن جيٽ انجڻ، سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ ڪيميڪلز بابت ڪجهه آمريڪي ٽيڪنالاجيز جو وڪرو معطل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق آمريڪا اهو قدم ان وقت کنيو آهي جڏهن اپريل ۾ چين طرفان آمريڪا کي اهم معدنيات جو روانگي واپار محدود ڪيو ويو هو. ذريعن ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪي واپار واري کاتي آمريڪي ڪمپنين کي پنهنجي مصنوعات ۽ ٽيڪنالاجيز کي چين جي ڪمرشل ايئر ڪرافٽ ڪارپوريشن (ڪاماڪ) کي وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏيندڙ ڪيترن ئي لائسنس کي به معطل ڪري ڇڏيو آهي.