پئرس-29 مئي (اي پي پي)پاڪ – ڀارت جي تازي جنگ ۾ فرانس جي جديد جنگي رافيل جهازن جي تباهي تي فرانس جي فوج جي ترجمان جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب فرانس جي هٿياربند فوج جي ترجمان پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن واقعي رافيل جهاز ڪيرايا ويا آهن ته اهو ان جهاز جي 20 سالا سروس دوران پهريون ڀيرو ڪنهن جنگي مشن ۾ نقصان هوندو. اهو ان معاملي تي فرانس جي فوج طرفان پهريون باضابطه رد عمل به آهي. هن چيو ته رافيل جي ڪارڪردگي جي حوالي سان فرانس جي صورتحال تي نظر رکيل آهي ۽ ڀارت سان سڌيءَ ريت معلومات جي مٽاسٽا جي ڪوششن ۾ آهي. فرانس جي فوج جي ترجمان چيو ته ڪجهه رپورٽن موجب ان ٽڪراءُ ۾ ڪيترائي فوجي جهاز شامل هئا جيڪڏهن رافيل جي ڪيرائڻ جون رپورٽون درست آهن ته اهو واقعي ان جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل آپريشنل ڪيريئر ۾ پهريون نقصان هوندو.