ڪيف _ 29 (اي پي پي) يوڪرين جي دفاع واري وزير رستم عمروف چيو آهي ته ان جي ملڪ پنهنجي جنگ بندي جا شرط باضابطه طور تي روس کي پيش ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ٽن سالن ۾ پهريون سڌي ريت ڳالهيون 16 مئي تي استنبول ۾ ٿيون جن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هر ڌر جنگ بندي لاءِ پنهنجي ويزن جي خاڪي تي ٻڌل دستاويز جو مسودو تيار ڪندو. استنبول ۾ يوڪريني وفد جي سربراهه ۽ دفاع واري وزير رستم عمروف ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته اسان پنهنجا دستاويز روسي وفد جي سربراهه جي حوالي ڪيا آهن، جيڪي يوڪريني موقف جي عڪاسي ڪن ٿا. رستم عمروف چيو ته اسان روسين سان وڌيڪ ملاقاتن جا مخالف ناهيون، هنن جي ميمورڊنڊم جو انتظار ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ ملاقات ۾ ان حوالي سان وڌيڪ اڳڀرائي ٿئي ۽ اهو اسان کي حقيقي معنى ۾ جنگ جي خاتمي جي ويجهو کڻي وڃي سگهي. رستم عمروف ان ڳالهه جو ورجاءِ ڪيو ته يوڪرين جي حڪومت غير مشروط جنگ بندي لاءِ تيار آهي. هن جو چوڻ هو ته يوڪرين کي اڃان تائين روس جو ميمورنڊم ناهي مليو. هن روسي حڪومت تي الزام لڳايو ته هو ڳالهين ۾ دير جي ڪوشش ڪري رهي آهي.