اسلام آباد- 28 مئي (اي پي پي) وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان جي سلامتي اسان جو اولين ۽ آخري مقصد آهي، اسان امن جا داعي آهيون، جنگ لاءِ به مڪمل طور تيار آهيون، جيڪو اسان جي خودمختياري کي چئلينج ڪندو، ان کي عبرتناڪ جواب ملندو. يومِ تڪبير صرف ماضيءَ جو احسان ناهي پر مستقبل جو عهد نامو آهي. وفاقي وزير يومِ تڪبير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان ان عظيم ڏينهن کي ياد ڪري رهيا آهيون جڏهن پاڪستان چاغي جي جبلن مان دنيا کي اهو پيغام ڏنو هو ته هاڻ اسان جي خودمختياري تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي. سردار اويس خان لغاري چيو ته 28 مئي 1998ع اهو تاريخي لمحو هو جڏهن اسان پنهنجي حفاظت لاءِ ايٽمي ڍال پنهنجن هٿن سان تيار ڪئي. هن چيو ته اسان جو پيغام واضح آهي ته پاڪستان جي سلامتي اسان جو پهرين ۽ آخري مقصد آهي، اسان امن جا داعي آهيون پر جنگ لاءِ به مڪمل طور تي تيار آهيون ۽ جيڪو به اسان جي خودمختياري کي چئلينج ڪندو ان کي عبرتناڪ جواب ملندو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اسان جي سائنسدانن ۽ دفاعي ماهرن جي قربانين عيوض اسان طاقتور بڻيا آهيون، پاڪستان جو ايٽمي پروگرام صرف ۽ صرف دفاعي ضرورت آهي جنهن جو مظاهرو حق جي ويڙهه دوران سڄي دنيا ڏٺو. وفاقي وزير چيو ته جيڪو اسان جي امن پسند رويي کي ڪمزوري سمجهندو اهو تاريخ جي ورقن ۾ اسان جي طاقت جو مشاهدو ڪري چڪو آهي. پاڪستان ڪڏهن به اڳرائي نه ڪندو پر جيڪو به اسان تي اڳرائي ڪندو، ان کي عبرتناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو.