لاهور- 28 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته اڄ اسان کي ان عزم جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن يومِ تڪبير جي موقعي تي لاهور جي علائقي بوگيوال روڊ، موسيٰ پيلس ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پارلياماني سيڪريٽري ملڪ وحيد، پارٽي ڪارڪنن ۽ عوام جو وڏو انگ ان موقعي تي موجود هو. علي پرويز ملڪ چيو ته جيڪڏهن اسان خطي ۾ عزت واري ۽ خودمختيار زندگي گذارڻ چاهيون ٿا ته اسان کي معاشي ڪمزورين کي ختم ڪرڻو پوندو. محمد نواز شريف 28 مئي 1998ع تي ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بنايو. دشمنن سان روايتي هٿيارن ۾ توازن به ضروري آهي ڇاڪاڻ ته هو خطي ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف مشڪل رستو اختيار ڪندي پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ڪيو. پهلگام واقعي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردي چاهي ڪشمير ۾ هجي يا بلوچستان ۾ معصوم ٻارن تي حملو برداشت جوڳو ناهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان سهڪار جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ غير جانبدار جاچ جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم ذميدار ايٽمي طاقت جي سربراهه جي حيثيت سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ته جيئن اصل ڏوهارين تائين پهچي سگهجي. علي پرويز ملڪ چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وزيراعظم واضح پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان طرفان جواب سِر سان نه پر پٿرن جي صورت ۾ ڏنو وڃي. مودي خطي ۾ بدامني جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پاڪستان دانائي ۽ حڪمت عملي سان کيس مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، اسان جي شاهينن ڀارتي رافيل جهاز ڪيرايا ۽ دنيا کي پاڪستان جي دفاعي قوت جو مشاهدو ٿيو. هن چيو ته ان نازڪ وقت ۾ چين، ترڪيه، سعودي عرب، قطر ۽ دبئي پاڪستان جي حمايت جو پيغام ڏنو. ترڪ صدر چيو ته ڀارت جو حملو صرف پاڪستان تي نه پر پوري مسلم اُمت تي هو. علي پرويز ملڪ چيو ته قوم جي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به وِساري نٿيون سگهجن، پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺل آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ۽ پگهاردار طبقي لاءِ به وسيلن جو انتظام ڪيو ويندو. شهباز شريف عوام لاءِ بجلي سستي ڪئي ۽ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ دؤر ۾ لاهور ۾ ترقياتي ڪم رڪيل هئا پر هاڻ عوام لاءِ اربين رپين جا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن. نواز شريف جي معمولي ڪارڪن جي حيثيت سان چوان ٿو ته جڏهن به وطن عزيز جي ڳالهه ايندي ته سياست ڇڏي ملڪ جي دفاع لاءِ سڀ هڪ ٿي وينداسين.