اسلام آباد- 28 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته يومِ تڪبير قوم جي عزم، استقلال ۽ وطن جي دفاع جي مضبوط جذبي جو مظهر آهي، ان تاريخي سفر جي شروعات ايٽمي پروگرام جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ طرفان گذريل ڏينهن يومِ تڪبير جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان دنيا آڏو پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتيءَ جي تحفظ لاءِ هڪ جرئتمنداڻو فيصلو ڪيو، پاڪستان ايٽمي قوت بڻجي مسلم اُمت جو پهريون ايٽمي ملڪ بڻجي ويو. سينيٽ چيئرمين چيو ته 28 مئي 1998ع پاڪستان جي دفاعي تاريخ جو سونهري ڏينهن آهي جيڪو اسان کي انهن سمورن عظيم اڳواڻن جي ياد ڏياري ٿو جن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ جو بنياد رکيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ان تاريخي سفر جي شروعات ايٽمي پروگرام جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان ويزن ۽ عقلمندي پاڪستان کي اهو رخ عطا ڪيو جنهن جو ثمر اسان کي 1998ع ۾ مليو. سينيٽ چيئرمين، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي به خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته محترمه پنهنجي والد جي ايٽمي ويزن کي نه صرف برقرار رکيو پر وزيراعظم جي حيثيت سان قومي ايٽمي پروگرام جي ڀرپور اڳواڻي ڪئي. هن چيو ته يومِ تڪبير اسان کي ياد ڏياري ٿو ته جڏهن قوم متحد هجي ته هو هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام هڪ دفاعي صلاحيت آهي. هن چيو ته اسان امن جا داعي آهيون پر ڪنهن به اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته يومِ تڪبير تي اسان انهن سمورن شهيدن، سائنسدانن، محبِ وطن اڳواڻن ۽ پاڪستاني فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا.