راولپنڊي- 28 مئي (اي پي پي) آرمي چيف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آذربائيجان جي شهر لاچين ۾ آذربائيجان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل حسنوف ذاڪر اصغر اوگلو سان ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. فيلڊ مارشل ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻه طرفي سهڪار کي ساراهيو ۽ آذربائيجان سان دفاعي ناتن کي مضبوط بنائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڀريو.