پشاور- 28 مئي (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي 28 مئي (يومِ تڪبير) تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان دنيا ۾ پهرين اسلامي ائٽمي رياست طور سامهون آيو. اڄ جو ڏينهن پاڪستاني قوم لاءِ فخر، عزم ۽ خودداري جو فخر بنجي چڪو آهي. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان دشمن جي ايٽمي غرور جو مُنهن …
يومِ تڪبير جي موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي جو پيغام

مزید خبریں
پشاور- 28 مئي (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي 28 مئي (يومِ تڪبير) تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان دنيا ۾ پهرين اسلامي ائٽمي رياست طور سامهون آيو. اڄ جو ڏينهن پاڪستاني قوم لاءِ فخر، عزم ۽ خودداري جو فخر بنجي چڪو آهي. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان دشمن جي ايٽمي غرور جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائي ثابت ڪيو ته اسان پنهنجي دفاع لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهون ٿا. گورنر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته يومِ تڪبير صرف ايٽمي ڌماڪن جي ياد ناهي، پر اها اسان جي ان تاريخي سفر جي ڪاميابي آهي جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ”اسان گاهه کائينداسين پر ايٽم بم بنائينداسين“ جي عزم کان شروع ڪئي ۽ جنهن کي 1998ع ۾ عالمي دٻاءُ کي نظرانداز ڪندي پايه تڪميل تائين پهچايو. اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته جڏهن قومون خواب ڏسن ٿيون، قرباني ڏين ٿيون ۽ اتحاد سان بيهن ٿيون ته پوءِ هو هڪ مضبوط قوم بڻجي وڃي ٿي. هن چيو ته يومِ تڪبير اهو پيغام ڏئي ٿو ته پاڪستان دنيا ۽ خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو خواهشمند ضرور آهي پر پنهنجي خودمختياري ۽ قومي وقار تي ڪا سوديبازي ٿيڻ نه ڏيندو ۽ ان جو عملي ثبوت اسان پنهنجي ڀارتي اڳرائي جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏئي ڇڏيو جيڪو اسان جي دفاع جي هڪ معمولي جهلڪ هئي ۽ دشمن کي واضح پيغام ڏيون ٿا ته حق جي ويڙهه کي ڪڏهن نه وِسارجو. اچو، اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي عظيم سائنسدانن، پاڪ فوج ۽ هر ان فرد کي خراجِ تحسين پيش ڪريون جن اسان کي هڪ مضبوط، باوقار ۽ ايٽمي پاڪستان ڏنو.










