واشنگٽن- 28 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو کي ٽيليفون تي خبردار ڪيو آهي ته هو اهڙو ڪو قدم نه کڻي جيڪو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ايٽمي معاهدي بابت ڳالهين کي خطري ۾ وجهي ڇڏي. اهو انڪشاف آمريڪي ويب سائٽ ”ايڪسيوس“ وائيٽ هائوس جي هڪ اعليٰ عهديدار جي حوالي سان ڪيو آهي. عهديدار موجب صدر ٽرمپ ۽ ٻين سينيئر آمريڪي عملدار گذريل هفتن ۾ ان خدشي جو اظهار ڪري چڪا آهن ته اسرائيل ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو ڪري سگهي ٿو يا ڪو ٻيو اهڙو قدم کڻي سگهي ٿو جيڪو انهن ڳالهين جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر، بجمن نيتن ياهو کي پيغام ڏنو ته هو ڇڪتاڻ نه وڌائي، جڏهن ته هو پاڻ هڪ پُرامن حل تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.