لاچين – 28 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته معرڪه حق جي فتح کانپوءِ پاڪستان جي عالمي اهميت ۾ اضافو ٿيو آهي، آذربائيجان جي عوام ان ڪاميابي تي جشن ملهايو، تڪبير ڏهاڙو اسان جي قومي فتح جو ڏينهن آهي. آذربائيجان جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان معرڪه حق ۽ آپريشن بُنيانِ مرصوص ۾ شاندار ڪاميابي ٿي جنهن تي پوري قوم شڪرگذار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان دوري تي موجود آهن، آذري ۽ ترڪ عوام اسان جي فتح تي تمام گهڻيون خوشيون ملهايون، اسان جي اڄ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ٻنهي ملڪن سان اسان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، ان کان اڳ اسان ترڪيه ۽ ايران وياسين ۽ اڄ هتي آذربائيجان ۾ موجود آهيون، اڄ آذربائيجان جو جمهوريه ڏهاڙو ۽ پاڪستان جو تڪبير ڏهاڙو گڏ ملهايو پيو وڃي، هتي هڪ جشن جو ماحول آهي. هن چيو ته ڪالهه وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ عوام جا ڀرپور حمايت تي دل سان ٿورا ادا ڪيا آهن، پاڪستان جي حوالي سان هتي وڏو جذبو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي متحرڪ سفارتڪاري پاڪستان کي عالمي سطح تي نئين سڃاڻپ ڏني آهي. هن واضح ڪيو ته معرڪه حق ۾ پاڪستان حق ۽ سچ تي هو ۽ دنيا پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڄ تڪبير ڏهاڙي ۽ هتان جي ريپبلڪ ڊي جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربائيجان جو صدر الهام عليوف گڏ ٿيندا. هن چيو ته اسان جي اوڀرندي پاڙيسري ملڪ جو شڪست کاڌل وزيراعظم پنهنجي خفت مٽائڻ جي لاءِ غيرذميواراڻا بيان ڏئي رهيو آهي پر دنيا پاڪستان کي ساراهي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سفارتي ڪوششن جي ڪري عالمي سطح تي پاڪستان جا لاڳاپا مستحڪم ٿي رهيا آهن جڏهن ته مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ جلد وفدن جي سطح تي وڌيڪ ملاقاتون ٿينديون. هن چيو ته آذربائيجان جو صدر ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ترڪيه، آذربائيجان ۽ پاڪستان جي عوام، حڪومتون ۽ قيادت پاڻ ۾ هم آهنگ آهن ۽ هڪ ٻئي جي خوشي ۾ شريڪ ٿين ٿا.