اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي آزادي جي ڏهاڙي جي خوشي جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، گڏيل اعتماد ۽ هڪ ٻئي جي لاءِ اڻٿڪ حمايت سان واڳيل آهن. هن چيو ته هلندڙ سال آذربائيجان ۾ ان تاريخي ڏينهن کي صدر الهام عليوف ۽ پنهنجي آذربائيجاني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ملهائڻ تي انتهائي خوشي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان يقين جو به اظهار ڪيو ته صدر الهام عليوف جي دانشمنداڻي ۽ مدبراڻي قيادت ۾ اسان جي گهڻ رخي حصيداري مضبوط کان مضبوط تر ٿيندي رهندي.