اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو ان وچن جي تجديد جو ڏينهن آهي ته اسان ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين ۽ ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، قوم کي پنهنجي فوج، سائنسدانن ۽ سياسي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي. تڪبير ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ قوم کي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته 28 مئي 1998ع جو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ان ڏينهن قوم نواز شريف جي قيادت ۾ ڀارت جي 5 ائٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ 6 ڪامياب ائٽمي ڌماڪا ڪري ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو. تڪبير ڏهاڙو نه رڳو پاڪستان جي سائنسي، عسڪري ۽ سياسي قيادت جي عزم ۽ استقلال جو مظهر آهي پر هي ڏينهن ان ڳالهه جي به علامت آهي ته جڏهن به ملڪ کي چئلينج درپيش آيو، قوم هڪ جان ٿي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ جي دفاع لاءِ اسان هر حد تائين وڃي سگهون ٿا. هن چيو ته تازي پاڪ ڀارت جنگ دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان دشمن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا، 1998ع ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ ڀارت جي 5 ائٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ 6 ائٽمي ڌماڪا ڪيا ويا ۽ هاڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ڀارت جا جهاز ڪاميابي سان ڪيرايا. اها ڪاميابي ان تسلسل جو حصو آهي جيڪو 1998ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ اڄ به پوري قوت سان جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، قوم کي پنهنجي فوج، سائنسدانن ۽ سياسي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي. هن چيو ته تڪبير ڏهاڙو ان وچن جي تجديد جو ڏينهن آهي ته اسان ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين ۽ ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين.