اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته محمد نواز شريف اقتصادي پابندين، دٻاءُ، ڌمڪين ۽ لالچ کي خاطر ۾ نه آڻيندي 1998ع ۾ اڄ جي ڏينهن 6 ائٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان جي جاگرافيائي سرحدن کي سدائين جي لاءِ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو هو، تڪبير ڏهاڙو قوم جي اتحاد ۽ پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري تي ٺاهه نه ڪرڻ جي اعلان جو ڏينهن آهي، اڄ جي ڏينهن اسان وچن ڪريون ٿا ته پاڪستان کي هڪ معاشي قوت ۽ دنيا ۾ پاڪستان کي ان جو حقيقي مقام ڏيارينداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف تڪبير ڏهاڙي 2025ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون اڄ جي ڏينهن الله رب العزت جا شڪر ادا ڪندي دل جي گهرائين سان پوري قوم ۽ پاڪستان سان محبت ڪندڙن کي تڪبير ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيان ٿو. اڄ پاڪستان کي دنيا جي ستين ۽ مسلمان ملڪن ۾ پهرين ائٽمي قوت بڻجندي 27 سال مڪمل ٿي ويا آهن، الحمدالله. هن چيو ته پاڪستان ”تڪبير ڏهاڙو“ هن ڀيري هڪ اهم ۽ تاريخي موقعي تي ملهائي رهيو آهي، جڏهن ڀارت جي مڙهيل بنا جواز جنگ ۾ پاڪستان الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان 6 کان 10 مئي جي معرڪه حق ۾ سرخرو ۽ فتح ماڻي. فتح مبين سان سرشار قوم جي لاءِ تڪبير ڏهاڙي جي خوشين ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي جنهن تي اسان رب عظيم جي آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿا جنهن سدائين پاڪستاني قوم کي پنهنجي خصوصي ڪرم سان سربلند فرمايو آهي. وزيراعظم چيو ته مئي 1998ع تي پوکران ۾ ڀارت 5 ائٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان جي سلامتي، دفاع ۽ خودمختياري جي لاءِ چئلينج پيدا ڪري ڇڏيو هو. منهنجي قائد ۽ ان وقت جي وزيراعظم محمد نواز شريف پوري قوم جي امنگن ۽ قومي مفادن جي ترجماني ڪئي، اقتصادي پابندين، دٻاءُ، ڌمڪين ۽ لالچ کي خاطر ۾ نه آڻيندي 1998ع ۾ اڄ جي ڏينهن ڀارت جي 5 جي مقابلي ۾ 6 ڌماڪا ڪري پاڪستان کي ائٽمي ملڪ بڻايو هو ۽ جاگرافيائي سرحدن کي سدائين جي لاءِ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو هو، پاڪستاني قوم ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي نواز شريف تائين جنهن ان پروگرام کي پڄاڻي تائين پهچايو، انهن کي سدائين سنهري لفظن ۾ ياد رکندي. هن چيو ته بلوچستان ۾ چاغي جي جبلن کان الله اڪبر جي بلند ٿيندڙ صدا اڄ به پاڪستاني قوم جو وچن بڻجي گونجي رهي آهي. ان مقصد جي لاءِ پورو پاڪستان متحد هو. اها ئي شاندار روايت ڀارت جي تازي بنا جواز حملن جي خلاف قوم هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائي. هن چيو ته اڄ جي عظيم ڏينهن تي آئون ائٽمي پروگرام جو بنياد رکندڙ ذوالفقار علي ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان، سائنسدانن، انجنيئرز، پاڪ فوج ۽ قومي ادارن سميت ان پروگرام ۾ پنهنجو حصو وجهندڙ سمورن معمارن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. آئون قوم کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن ائٽمي پروگرام جي تڪميل جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون ۽ پنهنجي عزم ۽ همت جي قابل فخر داستان لکي. آئون پنهنجي هٿياربند فوج کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن پاڪستان جي نيوڪليئر اثاثن جي ڀرپور حفاظت ڪئي. هن چيو ته تڪبير ڏهاڙو باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ولولي انگيز قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ان وچن جو تسلسل آهي جنهن تحت پاڪستان جهڙي عظيم مملڪت وجود ۾ آئي. قومي تاريخ گواهه آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ سياسي قيادت پنهنجي مضبوط ارادن ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج پنهنجي دليري، شجاعت ۽ عسڪري مهارت سان سدائين ناممڪن کي ممڪن ڪري ڇڏيو آهي. زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ ۽ سنگين ترين مشڪلاتن جو سينو ڦاڙي مقصد کي ماڻڻ جو جذبو ئي پاڪستان جي اصل قوت آهي. وزيراعظم چيو ته تڪبير ڏهاڙو قوم جي اتحاد ۽ پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري تي ٺاهه نه ڪرڻ جي اعلان جو ڏينهن آهي. اڄ جي ڏينهن اسان وچن ڪريون ٿا ته پاڪستان کي هڪ معاشي قوت ۽ دنيا ۾ پاڪستان کي ان جو حقيقي مقام ڏيارينداسين.