راولپنڊي- 27 مئي (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جنرل اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز تهران جو دؤرو ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايراني هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل، محمد باقري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي فوج جي سربراهن ٻه طرفي دفاعي سهڪار کي مضبوط بنائڻ تي خاص ڌيان ڏيندي علائقائي سلامتي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي مُک شعبن ۾ ملٽري ٽو ملٽري سهڪار کي وڌائڻ، گڏيل سرحدي سيڪيورٽي مڪينزم کي بهتر بنائڻ ۽ سرحدي علائقن کي واپاري ۽ اقتصادي رابطن جي زونز ۾ تبديل ڪرڻ جا رستا ڳولڻ شامل آهي، جنهن سان علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي ۾ مدد ملندي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. ايراني هٿياربند فوج جي چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو. ان کان اڳ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ ايران جي سپريم ليڊر سيد آيت الله خامنه اي ۽ ايران جي صدر ايڇ اي مسعود پيزشڪيان سان ملاقات ڪئي. فيلڊ مارشل دوست ملڪن جي سرڪاري دؤري تي وزيراعظم جي وفد سان گڏ آهي.