اسلام آباد -27 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق نوشڪي ۾ پوليو جي ٽيم تي فائرنگ جي مذمت ڪندي، ان واقعي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار عبدالوحيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن شهيد عبدالوحيد جي پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس اهلڪار عبدالوحيد جي قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو، …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران نوشڪي ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جي مذمت، شهيد پوليس اهلڪار کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -27 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق نوشڪي ۾ پوليو جي ٽيم تي فائرنگ جي مذمت ڪندي، ان واقعي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار عبدالوحيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن شهيد عبدالوحيد جي پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس اهلڪار عبدالوحيد جي قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو، شهيد جي گهر ڀاتين جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن چيو ته ٻارن جي محفوظ مستقبل لاءِ مقرر ٽيم تي حملو برداشت جوڳو ناهي. اهڙن ماڻهن کي سختي سان منهن ڏيڻو پوندو. اسپيڪر شهيد پوليس اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.










