اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن (رسجا) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت آزاد، ذميوار ۽ مثبت صحافت تي پڪو يقين رکي ٿي، راندين جي صحافت جي فروغ ۾ رسجا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ابوبڪر بن طلعت کي صدر، سيد ارسلان شيرازي کي جنرل سيڪريٽري، ناصر عباس نقوي کي فنانس سيڪريٽري، ذوالفقار بيگ کي سينيئر نائب صدر، عقيل انجم ۽ اصغر علي مبارڪ کي نائب صدر، حافظ عبدالرحمان ۽ عاصم رياض کي جوائنٽ سيڪريٽريز چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رسجا هڪ فعال ۽ متحرڪ صحافتي تنظيم آهي جيڪا راندين جي صحافت جي فروغ ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت صحافين کي درپيش چئلينجز کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ انهن جي حل لاءِ سنجيده قدم کنيا پيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير رسجا جي نئين باڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته رسجا جي نئين قيادت پنهنجي پيشيواراڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي صحافي برادري جي اعتماد تي پورو لهندي.