اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) پاڪستان قابض اسرائيلي حڪومت ۽ غيرقانوني آبادڪارن جي تازه ترين اشتعال انگيز قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جو مقصد مسجد اقصيٰ جي مذهبي، تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي نقصان پهچائڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح جا قدم ناقابل قبول ۽ اها عالمي قانون جي واضح خلاف ورزي آهي، ان سان خطي ۾ اڳ کان غيرمستحڪم صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان مقدس جاين جي تقدس ۽ تاريخي حيثيت کي برقرار رکڻ ۽ اسرائيل کي وڌيڪ اشتعال انگيزي کان روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان قابض طاقت پاران غزه ۾ فلسيني شهرين کي مسلسل نشانو بڻائڻ جي پڻ شديد مذمت ڪري ٿو، غزه ۾ بي گهر خاندانن کي پناهه ڏيندڙ اسڪول جي خلاف تازه ترين مذمت جوڳو حملو اسرائيل جي مسلسل ڇوٽ جو هڪ مثال آهي. هن چيو ته ان حملي کانپوءِ دنيا دل ڏکوئيندڙ تصويرون ڏٺيون آهن، ان حملي جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهو مارجي ويا جن ۾ ڪيترائي ٻار به شامل آهن جنهن تي عالمي برادري کي جاڳي وڃڻ گهرجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهي حملا فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجن ۽ اسرائيل کي ان جي ڪڌي ڏوهن جي لاءِ جوابده قرار ڏيڻ گهرجي. پاڪستان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد، قابل عمل ۽ متصل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.