تهران – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري آذربائيجان روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تهران جي مهرآباد ايئرپورٽ تي ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني، پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم، ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو ۽ اعليٰ سفارتي اهلڪارن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. ملاقاتن ۾ پاڪستان ايران لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ علائقائي رابطن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقاتن ۾ علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ۽ ڀارت جي پاڪستان تي مڙهيل جنگ دوران ايران جي خطي ۾ امن جي ڪوششن کي ساراهيو ويو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي مضبوطي کانسواءِ غزه ۾ جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ جي فوري روڪٿام ۽ پائيدار جنگبندي تي ڳالهه ٻولهه ملاقاتن جو حصو رهي. وزيراعظم پنهنجو ايران جو ٻطرفو دورو مڪمل ڪري آذري صدر جي دعوت تي آذربائيجان جو دورو ڪندو. ترڪيه ۽ ايران کانپوءِ وزيراعظم پنهنجي چار ملڪن جي دوري جي ٽئين مرحلي جي لاءِ آذربائيجان وڃي رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان کانپوءِ تاجڪستان ويندو.