لاچين – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز پاڪستان – ترڪيه – آذربائيجان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آذربائيجان جي شهر لاچين پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لاچين جي هوائي اڏي تي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف، آذربائيجان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير قاسم محي الدين ۽ سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان گڏ پاڪستان – ترڪيه – آذربائيجان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هو آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات پڻ ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.