اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوشڪي ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي ٽيم تي فائرنگ جي مذمت ڪندي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار عبدالوحيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي گهرڀاتين سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. هن چيو ته ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندڙ پوليو جي ٽيم تي حملو برداشت جوڳو نه آهي، پوليو جي خاتمي جي مهم جي مخالف شرپسند عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.