اسلام آباد -27 مئي (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام يوم تڪبير جي موقعي تي آزاد ڪشمير جي ضلع ميرپور جي کڙي شريف واري هنڌ جلسي کي خطاب ڪندو. ان جلسي جو بندوبست يوم تڪبير جي مناسبت سان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي وزير چوڌري رخسار ڪيو آهي. جلسي کي وفاقي وزير کان علاوه آزاد ڪشمير مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت به خطاب ڪندي.