تهران – 27 مئي (اي پي پي) ايران جي فوج اسرائيل کي سڌي ريت حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي فوج جي ڪمانڊر ان چيف، ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي، اٺن جلدن تي مشتمل انسائيڪلوپيڊيا “مقدس دفاع” جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت ڪندي اهو بيان ڏنو. ايراني فوج جي ڪمانڊر ان چيف ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي اسرائيل کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن صورتحال ڳنڀير ٿي ته ايراني هٿياربند فوج اسرائيل خلاف نئين فوجي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسرائيل ڪا اسٽريٽجڪ غلطي ڪندو ته ان کي مناسب جواب ڏنو ويندو. ان کان اڳ، اسرائيل تازو اشارو ڏئي رهيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا سان ڳالهيون ايران جي ايٽمي پروگرام کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيون ته هو ايران جي ايٽمي سهولتن کي نشانو بڻائيندو، جڏهن ته ٻئي طرف ايران آمريڪا سان ايٽمي معاهدو طئي ڪرڻ لاءِ يورينيم جي رچاءَ تي عارضي پابندي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪا سان ايٽمي معاهدو طئي ڪرڻ لاءِ يورينيم جو رچاءُ عارضي طور معطل ڪرڻ تي غور نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته آمريڪا سان ڳالهين جي ڇهين دور لاءِ اڃان تائين ڪا تاريخ طئي ناهي ٿي.