آمريڪا ۾ ٽيسلا جي آٽو پائلٽ ڪار حادثي جو شڪار، سسٽم جي جاچ ڪئي ويندي: ڪمپني

نيويارڪ- 27 مئي(اي پي پي) دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ جي ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا جي هڪ آٽو پائلٽ گاڏي آمريڪي رياست پينسلوانيا ۾ ڪري تباهه ٿي وئي. پرڏيهي ميديا موجب ، رياستي پوليس جو چوڻ آهي ته آٽو پائلٽ سسٽم تحت هلندڙ هڪ ڪار هاءِ وي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي. پوليس موجب، ڪار روڊ جي وچ واري لين ۾ سفر ڪري رهي هئي ۽ هڪ …

نيويارڪ- 27 مئي(اي پي پي) دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ جي ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا جي هڪ آٽو پائلٽ گاڏي آمريڪي رياست پينسلوانيا ۾ ڪري تباهه ٿي وئي. پرڏيهي ميديا موجب ، رياستي پوليس جو چوڻ آهي ته آٽو پائلٽ سسٽم تحت هلندڙ هڪ ڪار هاءِ وي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي. پوليس موجب، ڪار روڊ جي وچ واري لين ۾ سفر ڪري رهي هئي ۽ هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جيڪا روڊ جي ساڄي پاسي ٽريفڪ کي روڪڻ لاءِ بيٺل هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار جي آٽو پائلٽ سسٽم جي جانچ ڪئي ويندي. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي وقت ڪار آٽو پائلٽ سسٽم تحت ڪم ڪري رهي هئي پر اهو پنهنجو توازن وڃائي ويٺي ۽ ڪري تباهه ٿي . ڪار ۾ هڪ 18 سالن جو نوجوان هو ۽ کيس لاپرواهي سان ڊرائيونگ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ موجود شخص کي ڪو به نقصان ناهي پهتو.