تهران – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ ترقي، علائقائي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي، ٻنهي ڌرين گڏيل مشاورت جي ذريعي ايران پاڪستان پائيپ لائين منصوبي جي جلد کان جلد حل جو عزم ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم صدر پيز شڪيان جي دعوت تي ايران جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ايوان صدر پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هن گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو ۽ بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن جي قيادت ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. وزيراعظم ڀارت سان تازي تڪرار دوران ڳڻتي ظاهر ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ ثالثي جي آڇ تي ايراني قيادت جا ٿورا ادا ڪيا. هن ايراني قيادت کي ڀارت جي توسيع پسنداڻي مقصدن بابت پڻ آگاهه ڪيو، جيڪي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهن ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جنگبندي کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تاريخي، ثقافتي، مذهبي ۽ تهذيبي لاڳاپن جي موجودگي جو ذڪر ڪندي ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي خطي جي لاءِ هڪ خطرو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايران ۽ پاڪستان ٻئي ٻاهرئين عنصرن جي ارادن کان پوري طرح آگاهه آهن، ٻنهي ملڪن کي دهشتگردي جي لعنت سان وڙهڻ جي لاءِ پنهنجي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جو حل ان جي عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب خطي ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ جي لاءِ اهم آهي. صدر پيز شڪيان وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته افغانستان ۾ امن ۽ ترقي، علائقائي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل مشاورت جي ذريعي ايران پاڪستان پائيپ لائين منصوبي جي جلد کان جلد حل جو عزم ڪيو. وزيراعظم غزه ۾ فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي ظلمن جي شديد مذمت ڪئي، ٻه رياستي حل جي راهه هموار ڪرڻ، اسرائيل جي نسل ڪشيءَ ۽ تباهي آڻيندڙ پاليسين جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر مسعود پيز شڪيان کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.