عدالتي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جو ضم ٿيڻ عدالتن کي وڌيڪ پهچ جوڳو، شفاف ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ ضروري آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جو ضم ٿيڻ صرف جديديت نه پر عدالتن کي وڌيڪ پهچ جوڳو شفاف ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ ضروري آهي. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار هن قانون ۽ انصاف واري ڪميشن آف پاڪستان جي انتظام هيٺ سمپوزيم، جنهن جو عنوان ”پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال، …

اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جو ضم ٿيڻ صرف جديديت نه پر عدالتن کي وڌيڪ پهچ جوڳو شفاف ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ ضروري آهي. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار هن قانون ۽ انصاف واري ڪميشن آف پاڪستان جي انتظام هيٺ سمپوزيم، جنهن جو عنوان ”پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال، امڪان ۽ واعدي“ کي خطاب ڪندي ڪيو. سمپوزيم ۾ ججن، عالمي ماهرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي ته جيئن عدالتي سڌارن جي مستقبل تي ڊجيٽل تبديليءَ جي روشنيءَ ۾ غور ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد وحيد پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ ارتقا جو جائزو ورتو جنهن ۾ حاصل سنگ ميل ۽ موجوده ڍانچي جاتي چئلينجز کي اجاگر ڪيو ويو. ان سمپوزيم ۾ عالمي ماهرن جا رايا به شامل هئا، جن ۾ چين جي سپريم پيپلز ڪورٽ سان تعلق رکندڙ ماهر لي شيائو هوئي چين جي عدالتي سڌارن واري ڊجيٽل سفر کي شيئر ڪيو. ريڪٽر استنبول ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ترڪي جي پروفيسر ڊاڪٽر حسن مندل عالمي روشنيءَ ۾ عدالتن ۾ ٽيڪنالاجي لاڳو ڪرڻ تي روشني وڌي، جڏهن ته غازي يونيورسٽي ترڪيه جي پروفيسر ڊاڪٽر چيتن الماس عدالتي نظام ۾ مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي سيڪريٽري ضرار هشام خان پاڪستان جي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جا منصوبا بيان ڪيا ۽ عدالتي شعبي ۾ تبديليءَ لاءِ اداري جاتي تعاون تي زور ڀريو. پنهنجي مُک خطاب ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ان سمپوزيم کي وقت سر قرار ڏنو جيڪو قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس جي سڌاراتي ايجنڊا جي عين موجب آهي. چيف جسٽس، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس علي باقر نجفي، چيئرمين ۽ ميمبر نيشنل جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽي ۽ قانون ۽ انصاف ڪميشن آف پاڪستان جي اڳواڻيءَ ۾ انهن قدمن کي ساراهيو. هن عالمي مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ چيني سپريم پيپلز ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس زانگ جن ۽ ترڪيه جي آئيني عدالت جي چيف جسٽس قادر اوزڪايا جي مسلسل سهڪار ۽ عدالتي سهڪار تي ٿورو مڃيو. سڌارا جاتي قدمن تي روشني وجهندي چيف جسٽس تازو ئي سپريم ڪورٽ طرفان متعارف ڪرايل ڊجيٽل جدت جهڙوڪ اِي فائلنگ، فيصلن تي ڪيو آر ڪوڊز، وڊيو لنڪ ٻُڌڻين جي توسيع، شهري راءِ جي پورٽل ۽ ڪيسن جي نگرانيءَ لاءِ ڊيٽا اينالٽڪس جي استعمال جو ذڪر ڪيو، جڏهن ته هن تسليم ڪيو ته ڊجيٽل وڇوٽيون، بدلجندڙ قانوني ڍانچو ۽ سائبر سيڪيورٽي جا خطرا اڃا به اهم چئلينجز آهن. هن زور ڀريو ته ٽيڪنالاجي ۾ مزاحمت سڌارن جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي ۽ هڪ جامع قومي فريم ورڪ جي ضرورت آهي جيڪو عدالتي ڊجيٽل تبديلي جي رهنمائي ڪري جنهن ۾ مضبوط سائبر سيڪيورٽي پروٽوڪولز، اي آءِ جي استعمال لاءِ اخلاقي رهنما اصول ۽ اعليٰ عدالتن، عدالتي اڪيڊمين ۽ سرڪاري ادارن، تعليمي ادارن ۽ قانوني برادري وچ ۾ تعاون جو ڪلچر شامل هجي. هن سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اپيل ڪئي ته هو اتحاد ۽ عزم سان اڳتي وڌن ته جيئن اهڙو عدالتي نظام جوڙي سگهجي جيڪو حال جي ضرورتن کي پورو ڪري ۽ ايندڙ نسلن جو اعتماد حاصل ڪري.

مزید خبریں